
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته صحت ڪارڊ اسان جي دور جو منصوبو آهي، حڪومت اسان جي منصوبن تي پنهنجو ليبل هڻي رهيو آهي. لاهور جي سروسز اسپتال ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته حڪومت جي ناقص پاليسين سبب معيشت جو خراب حال آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر مون کي چون ٿا ته ٽينشن نه ڪيو، اها ڳالهه انهن کي ڪرڻ گهرجي جيڪي مون کي ٽينشن ڏئي رهيا آهن. نواز شريف چيو ته صحت ڪارڊ اسان جي دور جو منصوبو آهي، حڪومت اسان جي منصوبن تي پنهنجو ليبل هڻي رهي آهي.