ڪشميرين جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي، پاڪستاني عوام ساڻن گڏ آهي: شاهه محمود قريشي

لنڊن (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي خلاف ڀارت ۾ به آواز اٿي رهيو آهي لکين ڪشميرين جو آواز رائيگان نه ويندو ڪنهن بنيادي انساني حقن تحت معصوم ٻارڙن تي پيلٽ گن جي فائرنگ کي جائز سمجهيو پيو وڃي انهن ڏوهن جي جاچ لاءِ ڪميشن آف انڪوائري جو مطالبو ڪيون ٿا هو گذريل ڏينهن برطانوي پارليامينٽ ۾ آل پارٽيز پارليماني گروپ جي اهتمام هيٺ انٽرنيشنل ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو سينيٽ پرڏيهي معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽر مشاهد حسين سيد جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد ۽ برطانوي پارليامينٽ ميمبرن جي ڳچ انگ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن جي ڳچ انگ جي موجودگي نهايت فائديمند ۽ حوصلو ڏيندڙ آهي مان پارليامينت ميمبرن، چيئرمين آل پارٽيز پارليماني گروپ جو خاص طور تي ٿورائتو آهيان جو هن نهايت اهم موضوع تي بين الاقوامي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو هن ناروي جي اڳوڻي وزرياعظم مسٽر شيل بونزويڪ، اڳوڻي آسٽريلوي سينترل لي رينن ۽ ملائيشا جي اسلامڪ مشاورتي ڪائونسل جي خاص نمائندي داتڪ سري شيخ احمد آوانگ ۽ ٻين جا ٿورا مڃيا هن چيو ته آل پارٽيز پارلياماني گروپ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اٿارڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جيڪا سٺي ڳالهه آهي هن چيو ته پارليماني گروپ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ نافذ ڀارتي ڪارا قانون ختم، پيلٽ گن جو استعمال روڪڻ جيلن کي معائني لا3 کوڳلڻ ۽ نامعلوم قبرن جي سڃاڻپ ڪرائڻ جي اهم نقطن تي زور ڀريو آهي هن چيو ته هڪ جمهوريت پسند انسان هئڻ سبب پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ ڪشمير جي آزادي واري حق جو حامي ۽ هڪ اهڙي ملڪ جو پرڏيهي وزير آهيان جيڪو مسئلو ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شروع کان ڌر طور هلي رهيو آهي اسان انهن آزادي جي متوالن سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون جيڪي ظلم برداشت ڪري به پنهنجي حقن تان نه هٽيا آهن هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جنت نظير وادي ٻري رهي آهي انسانيت رتورت آهي هر گذرندڙ ڏينهن سان بيگناهه هٿين خالي ڪشميرين تي بي سبب فائرنگ ۽ رتوڇاڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن. ان موقعي تي سينيٽر ڊاڪٽر عاصف ڪرماني به شاهه محمود قريشي جي خطاب جي توثيق ڪندي چيو ته ڪشميرين کي ڏاڍ ذريعي سندس حقن کان محروم نٿو ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *