شهرين جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي، ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: صدر/وزير اعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان ساهيوال واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اڃا تائين صدمي جي ڪيفيت ۾ آهيان ۽ پريشان آهيان،  ٻارڙن جي اکين سامهون سندن والدين کي گوليون هنيون ويون.  وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ چيو ته دهشتگرديءَ خلاف سي ٽي ڊي تمام سٺو ڪم ڪيو ۽ قانون سڀني سامهون جوابده آهي. هن چيو ته جيتري جلدي ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ ايندي فوري طور ڪارروائي ڪئي ويندي، شهرين جي حفاظت حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آهي. ساهيوال واقعي ۾ بچي ويل تن معصوم ٻارڙن بابت وزيراعظم عمران خان چيو ته سمورن ٻارڙن جي سموري ذميواري رياست کڻندي.  هن چيو ته سي ٽي ڊي دهشتگردي خلاف سٺو ڪم ڪيو آهي پر قانون اڳيان سڀ جوابده آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *