نئين پاڪستان ۾ شهري ٻارڙن سان گڏ ٻاهر نه نڪرن: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف پنجاب کي پوليس اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، سانحو پيغام آهي ته نئين پاڪستان ۾ شهري ٻارڙن سان گڏ ٻاهر نه نڪرن. بلاول ڀٽو زرداري ساهيوال واقعي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف پنجاب کي پوليس اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ٻارڙن سامهون والدين جو قتل گوڊ گورننس جي ڪوڙن دعويدارن جي منهن تي چماٽ آهي، ايڏي وڏي سانحي کانپوءِ حڪومت گم ٿي وئي آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته مديني جي رياست جي پيروي جا دعويدار اڄ جا حڪمران ٻڌائين ته ساهيوال سانحي جو ذميوار ڪير آهي، نيازي سرڪار جي جاچ تي ڪنهن کي اعتماد ناهي.  هن چيو ته ايس ايس پيز ۽ آءِ جيز کي بدلي ڪرڻ سان انصاف نه ٿيندو، ٽوئٽر واري سرڪار ٻٽاڪون هڻڻ ۽ مخالفن تي الزام هڻڻ کانسواءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن، نئين پاڪستان جي نالي تي ملڪ ۾ جهنگ جو قانون لاڳو ڪيو ويو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *