
اسلام آباد(بيورو) شهرين جي تحفظ کي يقني بڻايو وڃي، رينجرز فوج سان ملي مناسب قدم کڻي، اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، آءِ جي اسلام آباد گهر وزير کي ڌرڻي وارن جي مطالبن کان آگاهه ڪيو، نجي ٽي وي موجب آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ هو ته ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جو انگ گذريل جي نسبت گهٽ آهي، ريڊ زون جي سيڪيورٽي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.