حڪومت جو نيشنل ايڪشن پلان ڪاغذن تائين سٺو آهي، پر ان تي سڄي ملڪ ۾ عمل نه پيو ٿيئي: بلاول ڀٽو زرداري

بهاولپور (م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت جو نيشنل ايڪشن پلان ڪاغذن تائين سٺو آهي، پر ان تي سڄي ملڪ ۾ عمل نه پيو ڪيو وڃي، خاص طور تي ڏکڻ پنجاب ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي جلد عمل ڪيو وڃي، خابرو ادارن موجب بهاولپور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ سربراهه بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته لاهور ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو ويو، جيڪو تمام افسوس جوڳو عمل آهي، اهي دهشتگرد اسان جا ۽ اسان جي ملڪ جا دشمن آهن، دهشتگردي جي مسئلي کي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو، ڪائونٽر ٽيررازم پاليسي تي عمل ڪري دهشتگردي کي ختم ڪري سگهجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *