ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ۽ گلوڪاره شروتي هاسن موسيقار ايليا راجا سان گڏ پنجن سالن کان پوءِ ٻيهر گانو رڪارڊ ڪرائي ورتو، ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪاره ۽ گلوڪاره شروتيهاسن 6 سالن جي عمر ۾ پهريون گانو موسيقار ايليا راجا سان رڪارڊ ڪرايو هو، ٻئي فلم ”شيمتاب“ جي گاني ”سناٽا“ لاءِ 5 سالن کان پوءِ ٻيهر گڏ ٿيا آهن.