دلي خواهش کي پورو ڪرڻ تي يقين رکندو آهيان: اداڪار عرفان خان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عرفان خان چيو آهي ته هو دلي خواهش کي پورو ڪرڻ تي يقين رکندو آهي. بالي ووڊ اداڪار عرفان خان پنهنجي تازي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته هو گريجوئيٽ ٿيڻ کان پوءِ فلم انڊسٽري ۾ آيو، انڊسٽريءَ ۾ تمام گهڻا اهڙا به اداڪار آهن جن پنهنجي تعليم مڪمل ناهي ڪئي پر انهن پنهنجو شوق پورو ڪيو ۽ اهي ڪامياب اداڪارن ۾ شامل آهن. هن چيو ته سندس گريجوئيٽ ڊگري اداڪاريءَ ۾ ڪم ناهي آئي ۽ هو پڻ هاڻي سڀني کان اڳ پنهنجون دلي خواهشون پوريون ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن جي خيال ۾ هاڻي اهو تصور پُراڻو ٿي چڪو آهي ته اڳ ۾ تعليم مڪمل ڪئي وڃي پوءِ شوق جي شعبي کي اختيار ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ٻارن اسڪول جي تعليم مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ جيڪڏهن اهي اداڪاريءَ ۾ وڃڻ چاهين ٿا ته هن جي والدين کي اپيل آهي ته کين پنهنجون دلي خواهشن کي پورو ڪرڻ ڏين ۽ منع نه ڪن. اداڪار جي نئين رليز ٿيندڙ فلم ”پيڪو“ 8 مئي تي سئنيما گهرن ۾ رليز ٿيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *