شاهه رخ خان جو صحتمند زندگي گذارڻ ۽ ٻارڙن لاءِ تماڪ ۽ شراب ڇڏڻ جو فيصلو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اسٽار شاهه رخ خان چيو آهي ته ايندڙ 20 کان 25 سال پنهنجي ٻارڙن سان گذرڻ ۽ صحتمند زندگي گذارڻ چاهيان ٿو ٻارڙن جي خاطر مان تماڪ ۽ شراب ڇڏڻ جي منصوبا بندي ڪري رهيو آهيان رپورٽ موجب شاهه رخ خان پنهنجي ٻارڙن کي تمام گهڻو چاهي ٿو ۽ پنهنجي ٻارڙن جي خاطر شراب ۽ تماڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي رپورٽ موجب هڪ تقريب دوران شاهه رخ خان انڪشاف ڪيو ته هو پنهنجي ٻارڙن سان وڌيڪ وقت گذارڻ ۽ صحتمند زندگي گذارڻ لاءِ شراب ۽ تماڪ کي ڇڏڻ جي منصوبا بندي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته 50 سالن جي عمر ۾ چئن سالن جي پٽ ابراهيم جي موجود هڪ سٺي شئي آهي جنهن مون کي ٻيهر کان زنده ڪيو آهي. شاهه رخ خان جي والدين جو لاڏاڻو ان وقت ٿيو هو جڏهن ان جي عمر 15 سال هئي مان نٿو چاهيان ته منهنجو ٻارڙا اهڙو سوچين ته مان انهن سان گڏ نه آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *