هديڪا ڪياني سڄي دنيا ۾ ملڪ جا ثقافتي رنگ متعارف ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز) هديڪا ڪياني سڄي دني ۾ ملڪ جا ثقافتي رنگ متعارف ڪرائڻ ۾ مصروف آهي هن پهريون ڀيرو 8 ٽريڪ تي صوفياڻي ثقافتي رنگن کي رڪارڊ ڪري پنهنجي سريلي آواز کي وجد جي عنوان سان پيش ڪيو ان ۾ بطور گٽار پهريون ڀيرو هديڪا ڪياني پرفارم ڪيو آهي آڊيو سان گڏ وڊيو البم تيار ڪري هن پنجابي سرائڪي سنڌي بلوچي ۽ پشتو زبان ۾ گاني جا رنگ پيش ڪيا بلوچي ثقافتي روحاني ۽ صوفياڻي رنگ کي تصويري انداز ۾ فلمايو ويو جنهن جو پروڊيوسر عرفان ڪياني ۽ هدايتڪار عبدالله حارث آهن ان حوالي سان حديڪا ڪياني چيو ته وجد آڊيو البم ئي نه پر هڪ ميوزيڪل موسيقي جو سفر اهي جنهن جو مقصد گم ٿيل روايت کي اجاگر ڪري آزادي سان مشرق جي ماڻهو روايتن جي ذميواري قبول ڪرڻ آهي ان جو اڃا هڪ رنگ پيش ڪيو آهي پارٽ ٽو به تيار ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *