شاهد آفريدي ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ وزيراعظم کي درخواست ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي وزيراعظم نوازشريف کي درخواست ڪئي آهي ته وزيراعظم نئين ٽيليئنٽ ۾ رنڊڪون وجهندڙن تي نظر ڪري.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شاهد آفريدي چيو ته وزيراعظم نوازشريف جو ٽيم جي باري ۾ ڪميٽي ٺاهڻ وڏو ڪارنامو آهي.سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ۾ نئين ٽيليئنٽ جي کوٽ آهي،جيڪڏهن نئون رانديگر اچي ٿو ته ان جي ڪيريئر سان کيڏيو پيو وڃي ۽ وزيراعظم نوازشريف کي اپيل ٿو ڪيان ته مهرباني ڪري نئين ٽئيلينٽ جي رستي ۾ رنڊڪون پري ڪرائي،اها رنڊڪ هيٺين طبقي واري رانديگر کي هٿي ڏيڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *