شام ۽ فلسطين ۾ امن لاءِ ڪير به نٿو ڳالهائي: گوهر خان

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا گوهر خان چيو آهي ته فلسطين ۽ شام به امن ناهي پر ان حوالي سان ڪوئي ڳالهائڻ لاءِ تيار ئي ناهي.ڀارتي ميڊيا موجب گوهر خان پنهنجي 38 سالگره جي موقعي تي چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ماڻهو طاقت، مذهب ۽ ٻين جي ذهني استحصال جي نالي تي ڪا به ڪارروائي نه ڪن.اداڪارا چيو ته اڄڪلهه هر ماڻهو افغانستان ۾ طالبان جي قبضي جي حوالي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي جيڪو عمل چريائپ کانسواءِ ڪجهه ناهي. مان اهو ٿي پڇڻ چاهيان ته ڪيترا ماڻهو آهن جن گذريل 20 سالن ۾ افغانستان ۾ آمريڪا جي حڪومتي دور دوران افغان عوام جي لاءِ آواز اٿاريو هو.هن چيو ته اهو دور افغان عوام ڪو سڪون سان ناهي گذاريو، اهو دور به جنگ جو دور هو، ماڻهو آمريڪا جي حڪومت دوران به مري رهيا هئا، طالبان تي حملا ٿي رهيا هئا، شام ۽ فلسطين ۾ به امن ناهي پر ان حوالي سان ڪو ئي نٿو ڳالهائي.سندس چوڻ هو ته مون کي لڳي رهيو آهي ته اها ميڊيا طرفان هلايل هڪ پروپيگنڊا آهي ته ماڻهن کي ڪهڙي مسئلي جي حمايت ڪرڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *