وزيراعظم، رميز راجا کي پي سي بي جو نئون چيئرمين بڻائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) وزيراعظم عمران خان پاران اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر رميز راجا کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون چيئرمين بڻائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ احسان ماني ۽ اڳوڻو ڪرڪيٽر ۽ ڪمينٽيٽر رميز راجا وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي ۽ بورڊ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني جو مدو ايندڙ ٽن سالن تائين نه وڌائڻ واري فيصلي بابت آگاهه ڪيو جڏهن ته رميز راجا کي بورڊ جو نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جو اشارو پڻ ڏنو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان رميز راجا جو نالو بورڊ آف گورنرز ڏانهن ميمبر طور موڪليندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *