
اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، ناياب پکي تلور جي شڪار تي لاڳو پابندي ختم ڪندي 3 رڪني بينچ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ جو 8 جنوري تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ويو، جڏهن ته چيف جسٽس اڄو بينچ ۾موجود نه هو. جسٽس ثاقب نثار تلور جي شڪار تي پابندي واري فيصلي تي وفاق ۽ صوبن جي نظرثاني وارين درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰٰ جا اختلافي نوٽ به شامل آهن. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته تلور جي شڪار تي پابندي بابت 3 رڪني بينچ جي 19 آگسٽ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي.