سپريم ڪورٽ جو فيصلو وفاق، پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي فتح آهي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو وفاق، پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي فتح آهي فيصلي سان ملڪي دارن ۾ تڪرار جي خواهشمندن کي شڪست ملي. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ترجمانن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ قانوني ٽيم ترجمانن کي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت واري مدي بابت عدالتي فيصلي، ڪارروائي ۽ فارن فنڊنگ ڪيس تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ عدليه جي ڪردار جي تعريف ڪندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو فيصلو وفاق، پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي فتح آهي، عدالت عاليه فيصلي سان اسان جي اڳتي لاءِ رهنمائي ڪري ڇڏي، پهرين اهڙي قسم جا سوال ڪڏهن به سامهون ناهن آيا، عدالت ۽ قانون جي رهنمائي ۾ اڳتي لاءِ قانون سازي ٿيندي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ملڪي ادارن ۾ تڪرار جي خواهشمندن کي شڪست ۽ مافياز کي مايوسي ٿي ۽ پنهنجو پيسو بچائيندڙ ان مافيا کي اڳتي به مايوسي ملندي، پي ٽي آءِ جمهوري قدرن تي يقين رکي ٿي، قانوني ٽيم عدالت عظميٰ کي مطمئن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو عدالتي فيصلو قانوني ٽيم جي ڪاميابي آهي. ان کان اڳ وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ هوابازي ڊويزن بابت معاملن تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هوابازي واري وزير غلام سرور، سامونڊي معاملن بابت وزير علي زيدي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ، خاص مددگار نديم بابر، خاص مددگار ذوالفقار بخاري، چيئرمين سيڙپڪاري بورڊ سيد زبير گيلاني، سيڪريٽري هوا بازي شاهه رخ نصرت ۽ چيئرمين پي آءِ اي ايئر مارشل ارشد محمود ملڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *