سنڌ حڪومت وفاق کان ڊبليو ڊبليو ايف ۽ اي او بي آءِ جو انتظامي ڪنٽرول اثاثن سميت گهري ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزير اعظم طرفان 11 ڊسمبر 2019ع تي گهرايل سي سي آءِ اجلاس جي حوالي سان تياري اجلاس جي صدارت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير ايجنڊا جو جائزو ورتو ۽ بين الالصوبائي رابطن واري کاتي کي هدايت ڪئي هو اجلاس لاءِ سمورين لاڳاپيل سمرين جو بندوبست ڪري ۽ سموريون ضروري تياريون مڪمل ڪري جيئن هو سمورن اهم ايشوز 1991 پاڻي واري معاهدي سميت، انرجي پاليسي ۽ ايف بي آر طرفان صوبائي ايڪسائز کاتي جي اڪائونٽ مان سڌي سنئين ڪٽوتي ڪيل وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي واپسي سميت ٻين مسئلن تي پنهنجي حڪومت جو نقطو پيش ڪري سگهي. ارسا آڪٽوبر 2019ع ۾ چشمه جهلم لنڪ ڪينال تي موجود 25 ميگا واٽ جي هائيڊرو پاور پروجيڪٽ جي تنصيب لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي آهي، صوبائي حڪوتم جو نظريو آهي ته ارسا اهڙي طرح جي اين او سي جاري ڪرڻ جي مجاز ناهي ان ڪري اِهو معاملو سي سي آءِ جي اجلاس ۾ اچڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته چشمه جهلم لنڪ ڪينال ڪو مستقل ڪينال ناهي پر هي ته فلڊ ڪينال به ناهي ڇو ته ان ۾ سڄو سال پاڻي جو وهڪرو ناهي هوندو، جڏهن 1991ع جي پاڻي جي معاهدي ۾ جڏهن ان ڪري پاڻي مختص ناهي ڪيو ويو ته ڪهڙي طرح هڪ هائيڊرو پاور پروجيڪٽ اُتي لڳائي سگهجي ٿو. مراد علي شاهه آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو هڪ ڪيس تيار ڪري ۽ ان کي هڪ هفتي جي اندر پيش ڪري، 18هين ترميم جي رو سان سنڌ اسيمبلي سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ايڪٽ 2014ع ۽ سنڌ امپلائزر اولڊ ايج بينيفٽ ايڪٽ 2014ع پاسڪيو ان ڪري ٻنهي ورڪر ويلفيئر آرڊيننس آف 1976ع ۽ اولڊ ايج بينيفٽ ايڪٽ 1974 کي سنڌ جي حد تائين رد ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو ڊبليو ڊبليو ايف ۽ اي او بي آءِ جو انتظامي ڪنٽرول اثاثن سميت سنڌ جي حوالي ڪري، ڊبليو ڊبليو ايف ۽ اي او بي آءِ سنڌ حڪومت کي ڏئي سگهجي ٿي. هن ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ان حوالي سان ڪيس تيار ڪري. وفاقي حڪومت پيٽروليم (ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن) پاليسي 2012ع ۾ ترميم تجويز ڪئي آهي جنهن جي تحت  5 سيڪڙو ڪيرنگ ورڪنگ انٽرسٽ جو تصور شامل ڪيو ويو آهي. ان جو مطلب آهي ته سنڌ حڪومت جيڪڏهن ايڪسپلوريشن ناڪام ٿي وڃي ٿي ته ان کي 5 سيڪڙو خرچ جي مد ۾ ادا ڪرڻا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *