
اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سينيٽر نهال هاشمي جو بيان حڪومت يا مسلم ن جو موقف نه آهي، نهال هاشمي جي بيان تي سڌ سماءَ واري وزير رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته نهال هاشمي جو بيان حڪومت يا ن ليگ جو موقف نه آهي، مريم اورنگزيب چيو ته نهال هاشمي پنهنجي ذاتي راءِ جو اظهار ڪيو آهي، جمعي تي مسلم ليگ ن جي سينيٽر نهال هاشمي سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد تي دهشت جي آخري نشاني قرار ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته اڳوڻي گورنر کي هٽائڻ سان ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين ۽ پاڪستان نه مڃيندڙن جي دور جو خاتمو ٿي ويو آهي.