بلاول ڀٽو پاران پنجاب وڃڻ جي اعلان کانپوءِ چوڌري نثار جا پگهر نه پيا بيهن: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اطلاعات کاتي بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته چوڌري نثار بنا ڪنهن سبب ۽ بغير موضوع جي بلاول ڀٽو زرداري لاءِ ڳالهائي پنهنجي پاڻ کي سياسي طور تي جيئرو رکڻ گهري ٿو، هيڏانهن بلاول ڀٽو زرداري پنجاب وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ هوڏانهن چوڌري نثار جا پگهر نڪري رهيا آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ مولابخش چانڊيو چيو ته جڏهن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جو دورو ڪندو، تڏهن ئي نوازليگ کي پتو پئجي ويندو. هن چيو ته پنجاب هميشه پيپلزپارٽي جو قلعو رهيو آهي، 2018ع جي اليڪشن ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان پيپلزپارٽي پنجاب مان سوئيپ ڪندي. صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي وڌندڙ مقبوليت ڏسي چوڌري نثار ۽ ٻين کي ڏڪڻيون شروع ٿي ويون آهن. هن چيو ته نوازليگ جي وزيرن خاص طور تي چوڌري نثار کي سياسي خوف رُڳو بلاول ڀٽو زرداري مان ئي ٿئي ٿو. هن چيو ته چوڌري نثار هميشه ميان نوازشريف جي ڏکيائين ۾ واڌ ڪئي آهي، گهرو وزير نٿو چاهي ته ميان صاحب تان سياسي دٻاءُ گهٽجي. مولابخش چانڊيو چيو ته جيڪي عمران خان جو دٻاءُ برداشت نه ٿا ڪري سگهن اُهي بلاول ڀٽو زرداري جي سياست کان ڪيئن بچي سگهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *