ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اسٽائل آئيڪان سونم ڪپور جيڪا اڄ ڪلهه سورج برجاتيا جي نئين ايندڙ فلم ”پريم رتن ڌن پايو“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، ڄاڻو ذريعن ٻڌايو هو ته سونم فلمي شوٽنگ جي مصروفيتن مان وقت ڪڍي ذهني ۽ جسماني راحت لاءِ اڄ ڪلهه لداخ ويل آهي، سمجھيو پي ويو ته اداڪارا ڪنهن گوڙ گھمسان ۽ ڪئمرائن کان پري رهڻ لاءِ اوڏانهن ويل آهي، پر ذريعن جو چوڻ هو ته اداڪارا اصل ۾ هڪ بزنس ڊيل لاءِ اتي ويل آهي، جي ها، سونم ڪپور جو ننڍو ڀاءُ هرش ورڌن ڪپور راڪيش اومپرڪاش مهرا جي فلم ”مرزيا“ ۾ پهريون ڀيرو بالي ووڊ ڊيبيو ڏئي رهيو آهي، ”مرزيا“ جي شوٽنگ لداخ ۾هلي رهي آهي، ان ڪري سونم فلمبنديءَ جي لاءِ لداخ پهتل آهي، سونم ڪپور پنهنجي ڀاءُ جي بالي ووڊ ڊيبيو فلم ۾ اسپيشل مهمان طور انٽري ڏيندي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڀاءُ جي فلم ”مرزيا“ ۾ سونم ڪپور جو اهم رول هوندو.