ڪرينا ڪپور خان جي نئين ايندڙ فلم ”ڪا اينڊ ڪي“ جو نئون پوسٽر جاري

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ادڪارا ڪرينا ڪپور خان جي نئين ايندڙ فلم ”ڪا اينڊ ڪي“ جو نئون پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي، فلم جو ڊائريڪٽر آر بالڪيز آهي. فلم جي بليڪ اينڊ وائيٽ پوسٽر ۾ ڪرينا ڪپور خان تمام بهترين، معصوم ۽ گليمر کان پري نظر اچي رهي آهي، فلم ”ڪا اينڊ ڪي“ جو ڊائريڪٽر جيڪو ان کان اڳ فلم ”پا ۽ چيني ڪم“  کي پڻ ڊائريڪٽر ڪري چڪو آهي، فلم ۾ ڪرينا ڪپور خان جي سامهون ارجن ڪپور کي ڪاسٽ ڪيو اٿس. فلم ۾ ڀارتي سماج ۾ جنس متڀيد وچ ۾ دقيانوسي بنيادن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. فلم ۾ مرد ۽ عورت جي ڀيٽ ختم ڪرڻ بابت ڪهاڻي ڏيکاري وئي آهي. فلم ۾ رومانس ۽ ٻن الڳ نظرين جي جوڙي کي ظاهر ڪيو ويو آهي، فلم ۾ ارجن ڪپور هڪ ترقي پسند مُڙس جڏهن ته ڪرينا ڪپور خان هڪ جاکوڙي گھر واريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. فلم 2016ع جي بهار مُند ۾ رليز ڪرڻ جا امڪان ڏيکاريا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *