سوناڪشي سنها گنيز بڪ ۾ نرالو رڪارڊ پنهنجي نالي لکرائي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ نرالو رڪارڊ پنهنجي نالي لکرائي ڇڏيو آهي، جيڪو هڪ ئي وقت سڀني کان وڌيڪ عورتن جي نيل پينٽ جو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق ممبئي ۾ سوناڪشي سنها طرفان گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز جي انتظاميا جي موجودگي ۾ مختلف عمر جي نارين کي گڏ ڪيو ويو ۽ سڀني کي هڪ ئي وقت ننهن تي رنگ سان مختلف ڊزائن ٺاهڻ جو چيو ويو، اهڙِي ريت سوناڪشي سنها هڪ ئي وقت عورتن جي گهڻي انگ جي ننهن تي رنگ ڪرڻ جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو، اهڙو نرالو رڪارڊ جوڙڻ تي دبنگ گرل جي خوشِي ڏسڻ وٽان  هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *