ڪنگنا رناوت ڀيڻ رنگولي جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت تيزاب حملي ۾ بچي ويل پنهنجي ڀيڻ رنگولي جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو اشارو ڏنو آهي، ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪنگنا رناوت چيو ته هن رنگولي سان ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پر هوءَ گهڻي خوش نظر نه آئي، هن ٻڌايو ته مان رنگولي کي چيو ته مان تنهنجي زندگي تي فلم ٺاهڻ چاهيان ٿي، جنهن ۾ مان تنهنجي۽ پنهنجي مطلب سڀني عورتن جي ڪردار کي اڀارينديس، جنهن جي جواب ۾ رنگولي رڳو ايترو چيو ته ها اها تمام گهڻي ناڪام فلم ثابت ٿيندي، ڪنگنا جو چوڻ هو ته مان سمجهان ٿي ته رنگولي جي زندگي منهنجي زندگي کان وڌيڪ دلچسپ آهي، مان سندس مڙس جي ٿورائتي آهيان، جيڪو پهرين ڏينهن کان وٺي ساڻس چرين جيان عشق ڪري ٿو، ان موقعي تي رنگولي جو چوڻ هو ته جڏهن مون تي تيزاب هاريو ويو هو ته مان ڪيترن ئي نفسياتي مسئلن مان گذرندي رهي هيس پر ڪنگنا اهڙي ڪنهن به مسئلي کان بچيل رهي، هن ٻڌايو ته ڪنگنا مون وٽ آئي ۽ مونکي همٿايو، سندس اهڙي ئي روئي جي ڪري مان اڄ تيزاب هارڻ واري واقعي کانِ پهرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ همت واري آهيان، سندس چوڻ هو ته مونکي پنهنجي طاقت ۽ ڪمزورين جي خبر آهي، مونکي ان واقعي گهڻو ڪجهه سيکاريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *