سعودي عرب جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي ريسلنگ

 

رياض(اسپورٽس نيوز) سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ هلندڙ مهيني 11 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ميوزيڪل ۽ ثقافتي ميلي رياض سيزن ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي ريسلنگ ٿي جنهن کي ڏسڻ وڏي تعداد ۾ شوقين ميلي ۾ پهتا.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ان مقابلي ۾ 29 ورهين جي آمريڪي ريسلر ليسي ايونز ۽ 37 ورهين جي ڪينيڊين ريسلر نتاليا نيڌرت هڪ ٻئي جي آمهون سامهون نظر آيون، جڏهن نتاليا نيڌرت ليسي ايونز کي هارائي مقابلو پنهنجي نالي ڪري ورتو.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پهريان رپورٽون هيون ته اهي ٻئي عورت ريسلر انتهائي مختصر ڪپڙن ۾ هڪ ٻئي سان فائٽ ڪندي نظر اينديون جڏهن ته سموريون رپورٽون ان وقت بي بنياد ثابت ٿي ويون جڏهن ٻنهي عورتن ميزبان ملڪ جي ثقافت ۽ روايت موجب ڪپڙن ۾ ميدان ۾ لٿيون. ريسلنگ دوران انهن ٻنهي عورتن پنهنجي جسم کي پوري طرح ڍڪي رکيو هو، ياد رهي ته رياض ميلي ۾ مرد ريسلر پڻ هڪ ٻئي کي مزو چکائيندا ڏٺا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *