جوڪر فلم جي نمائش دوران شرپسند جي تڪراري حرڪت تي ڀاڄ

 

ڪراچي (شوبز نيوز) فرانس جي سيڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته هالي ووڊ سپر ولن سائيڪالوجي ٿرلر فلم جوڪر جي نمائش دوران هڪ شخص مذهب جو نالو استعمال ڪندي سينما ۾ ڦر جي ڪوشش ڪئي. فرانسيسي اخبار لي پيريسن موجب فرانسيسي راڄڌاني پيرس جي علائقي ۾ موجود گرانڊ ريڪس سينما ۾ جوڪر فلم ڏسڻ لاءِ پهتل شخص سينما ۾ مذهبي نعرو هڻي ماڻهن کي ڊيڄاري ڦر جي ڪوشش ڪئي. رپورٽ موجب ڄاڻايل شخص اسلام کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش کان اڳ فلم ڏسڻ دوران اهڙا تبصرا ڪيا ۽ فلم جي ڪهاڻي کي سياسي قرار ڏنو. رپورٽ موجب ڄاڻايل سخص طرفان فلم ڏسڻ دوران وري وري سياسي قرار ڏيڻ تي سينما ۾ موجود ماڻهو پريشان ٿي ويا ۽ کيس سمجهائڻ جي ڪوشش به ڪئي. ماڻهن جي سمجهائڻ تي همراهه وڏي آواز ۾ نعرو هنيو جنهن تي سڀ ڊڄي ويا. سينما ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ماڻهو تيزي سان نڪرڻ لڳا. انتظاميا نعرا هڻندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو ۽ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس موجب اسلام جي نالي تي ماڻهن ۾ خوف پکيڙيندڙ شخص جو واسطو پيرس جي علائقي سان آهي ۽ امڪاني طور تي سندس ذهني توازن ٺيڪ ناهي. پوليس همراهه جي ڪوشش هئي ته هو سينما ۾ ڦرلٽ ڪري ان لاءِ هن وڏا نعرا هڻي خوف پکيڙيو همراهه وٽان ڪو هٿيار هٿ ناهي آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *