فلم انِڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي، عمائمه ملڪ

لاهور (شوبز نيوز) مشهور اداڪاره ماڊل عمائمه ملڪ چيو آهي ته فلم اسٽار شان مون کي ننڍڻ کان پسند هيو ۽ ان سان ارٿ ٽو ۾ ڪم ڪندي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو هو مڃيل مڃايل اداڪار، هدايتڪار ۽ سپورٽ ڪندڙ شخص آهي اهڙن خيالن جو اظهار عمائمه ملڪ پنهنجي انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته فلم جي ڪاميابي ۽ ناڪامي سڀ قسمت جي ڳالهه آهي پر هڪ ڳالهه طئه آهي ته فلم کي ٺاهڻ لاءِ گهڻي محنت جي ضرورت هوندي آهي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪم ڪرڻو انداز مختلف آهي پر سٺي ٽيم ڪهاڻي ۽ ڪردار ڪنهن به فلم کي سپر هٽ ۾ ڪرڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪن ٿا. مان پاڪستان ۾ ايڪٽنگ شروع ڪئي ۽ هتي ڪم ڪندي مون کي ڀارت وڃڻ جو موقعو مليو بالي ووڊ جي هڪ بينر جي فلم ۾ ڪم ڪيو ۽ منهن جي فلم کي هڪ وڏي اوپننگ به ملي جيڪا ڪنهن به نئين فنڪار ۽ فلم لاءِ خوشي واري ڳالهه هوندي آهي. راجا نيٽ ورڪ لال منهنجي ٻئي فلم هئي ان کان اڳ سنجي دت سان فلم شير ٺهي هئي ۽ اهڙي طرح هاڻي به بالي ووڊ ۾ ٻن نون پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهيان پر في الحال ان جي تفصيلن کان آگاهه نه ٿي ڪري سگهان پر ايترو ضرور چئي سگهان ٿي ته ٻئي پراجيڪٽ منهنجي چاهيندڙن کي گهڻو پسند ايندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *