سرگوڌا: مسافر بس ۽ ڪار ۾ خوفناڪ ٽڪر، 2 عورتن سميت 4 ڄڻا فوت

سرگوڌا (اين اين آءِ) سرگوڌا ميان والي روڊ جوهر آباد ڦاٽڪ ويجهو سيالڪوٽ کان ايندڙ مسافر بس ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 4 ڄڻا فوت، 12 زخمي ٿي پيا، فوتي ڪار ۾ سوار 2 عورتون ۽ 2 مرد شامل آهن جن ۾ ماءُ ۽ ان جو پٽ به آهي، لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ گهر پهتا ته علائقي ۾ روڄ راڙو ٿي ويو. حادثو بس ڊرائيور جي لاپرواهي سبب پيش آيو، حادثو ايتري قدر شديد هو جو ٻئي گاڏيون تباهه ٿي ويون ۽ ڪار کي ڪٽي فوتين جا لاش ڪڍيا ويا. پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *