آصف علي زرداري اي پي سي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اليڪشن محاذ ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو، طاهر قادري جي اي پي سي ۾ ٿيل فيصلن جي مڪمل تائيد ڪري ڇڏي، آصف زرداري لاهور ۾ حضرت داتا گنج بخش ۽ بي بي پاڪ دامن جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري. بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري چونڊن واري مهم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چئني صوبن ۾ چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آصف زرداري ماڊل ٽائون سانحي لاءِ انصاف جو آواز ڀرپور نموني اٿارڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اي پي سي جي اسٽيرنگ ڪميٽي ۾ پ پ پنهنجو ڀرپور سياسي ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي عزيز رحمان چن ۽ اشرف ڀٽي سميت ٻيا به ساڻس گڏ هئا، بي بي پاڪ دامن جي مزار تي حاضري کانپوءِ هو سخت سيڪيورٽي ۾ واپس بلاول هائوس روانو ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *