سريلنڪا کي پاڪستان جي دوري لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهجي:چئيرمين پي سي بي

لاهور (اسپورٽس نيوز): پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چئرمين شهريار خان جو چوڻ آهي ته سري لنڪا کي پاڪستان جي دوري لاءِ مجبور نٿا ڪري سگهون، جيتوڻيڪ ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهريار خان جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو سريلنڪا جي پاڪستان واري دوري لاءِ گهڻو بيچين آهن ته مهمان ٽيم هلندڙ سال  ئي پاڪستان ، انڪري ان حوالي سان سري لنڪن ٽيم تي ڪو به زور نٿو وجهي سگهجي ۽ اميد آهي ته ٽيم جلد دورو ڪندي.هن چيو ته زمبابوي ٽيم جو پاڪستان اچڻ اسان سڀني جي ڪاميابي آهي ۽ دوري سان نه رڳو ڪرڪيٽ پر پاڪستان جو فائدو ٿيو آهي، جڏهن ته زمبابوي ٽيم به چيو آهي ته پاڪستان جي آجيان هميشا ياد رهندي.چئرمين پي سي بي جو چوڻ هو ته زمبابوي ٽيم جو حڪومت جي انڪار کانپوءِ به پاڪستان اچڻ وڏو قدم آهي ۽ پاڪستاني عوام به وطن سان محبت جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *