ڀارتي سينيما لاءِ بهترين ڪم ڪندڙ خوبصورت اداڪارا وديا بالن کي ڊاڪٽريٽ جو اعزازي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو

احمد آباد(شوبز نيوز) ڀارتي سينيما لاءِ بهترين ڪم ڪندڙ خوبصورت اداڪارا وديا بالن کي احمد آباد جي هڪ يونيورسٽي ڊاڪٽريٽ جو اعزازي سرٽيفڪيٽ ڏنو. رائي يونيورسٽي جي وائس چانسلرهربين اروڙاڪا جو چوڻ آهي ته وديا بالن سلور اسڪرين تي اهڙين مضبطو عورتن جا ڪردار ادا ڪيا آهن، جيڪي نوجوان نسل لاءِ ڏئي جيان آهن. وديا جو چوڻ هو ته اهو سرٽيفڪيٽ کيس ان وقت ڏنو پيو وڃي، جڏهن هن ڀارتي سينيما ۾ 10 سال پورا ڪيا آهن، ۽ ان ڳالهه سندس خوشي ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو آهي. وديا بالن جي ايندڙ فلم“ هماري اڌوري  ڪهاني” آهي جنهن ۾ هو هڪ ڀيرو ٻيهر عمران هاشمي سان گڏ نظر ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *