جان ابراهيم بهترين اداڪار سميت مزاحميه انسان به آهي: سونا ڪشي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سونا ڪشي سنها جو چوڻ آهي ته فلم انڊسٽري سان واڳيل رهڻ ۽ پري وڃڻ ان لاءِ گهڻو سولو آهي جڏهن ته فلم انڊسٽري کان ٻاهر نڪري هو ڪنهن به شيءِ جي ڳڻتي نه ڪندي آهي ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب سونا ڪشي سنها جو چوڻ آهي ته جڏهن ته هو فلم نگري ۾ ڪم نه ڪندي آهي ته هوءَ انڊسٽري کان پري هلي ويندي آهي پوءِ ڇو نه انڊسٽري ۾ ڀلي ڇا به ٿيندو هجي هو ان جي ڳڻتي ناهي ڪندي پر ٻئي پاسي جڏهن هو ڪنهن فلم ۾ ڪم ڪندي آهي ته هر شيءَ جو پتو رکندي آهي اداڪاره چيو ته ان لاءِ فلم انڊسٽري سان واڳيل رهڻ ۽ پري رهڻ سولو آهي. هن جو چوڻ هو ته نئين ايندڙ فلم فورس ٽو ۾ اداڪار جان ابراهيم سان ڪم ڪرڻ سٺو لڳو هو بهترين اداڪار هئڻ سان گڏوگڏ سٺو مزاحميه ماڻهو به آهي ۽ ان کان علاوه هو ان جي فٽنيس جي حوالي سان به ڪافي متتاثر ٿي آهي. سونا ڪشي پنهنجون فلمن ۾ ادا ڪيل ڪردارن بابت چيو ته ڪنهن به فلم يا ڊرامي ۾ هر اداڪار صرف پنهنجا پنهنجا ڪردار ادا ڪري ٿو جنهن جو زندگي سان ڪو به تعلق ناهي هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *