انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ويسٽ انڊيز جي ڀارت کي 5 وڪيٽن تان مات،ڀارتي رانديگر گرائونڊ تي روئيندا رهيا

ميرپور (اسپورٽس نيوز) انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ ڀارت کي 5 وڪيٽن تان مات،ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ جي دنيا جو بادشاهه بڻجي ويو.بنگلاديش جي شهر ميرپور ۾ شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت پاران پهرين بيٽنگ ڪري ويسٽ انڊيز کي 146 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.جواب ۾ ويسٽ انڊيز ٽيم گهربل ٽارگيٽ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.هڪ موقعي تي ويسٽ انڊيز جا 5 رانديگر رڳو 77 رنسن تي واپس موٽي ويا،پر ڪيسي ڪارٽي ۽ ڪيمو پال ذميداري سان بيٽنگ ڪئي ٽيم کي ميچ ۾ ڪاميابي ڏيارڻ تائين ڪيريز تي بيٺا رهيا.ٻنهي ڄڻن گڏيل طور تي بهترين راند پيش ڪئي ۽ ڪيمو پال 52 ۽ ڪيسي ڪارٽي 40 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.ويسٽ انڊيز هٿان فائنل ميچ هارائڻ تي ڀارتي سورما زارون قطار روئيندا رهيا ۽ هڪ ٻئي کي آٿتون ڏيندا رهيا.ڀارت پاران ميانڪ ڊاگر 3 جڏهن ته خليل احمد ۽ اواش خان هل، هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.ان کان پهرين ڀارتي بيٽسمينن پهرين اننگ جي شروعات ڪئي ته رڳو 50 رنسن عيوض سندس 5 رانديگر آئوٽ ٿي ويا.ڀارت پاران سرفرازخان 51، باٿم 21 رنسون ۽ ماهي پل لومرور 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *