سخاوت راڄپوت جي بي رحماني قتل جي مذمت، قاتلن جي گرفتاري لاءِ يقيني قدم کنيا وڃن: صدر عارف علوي

ڪراچي (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سومر تي گورنر هائوس ڪراچي ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي اجلاس ۾ گورنر عمران اسماعيل، حليم عادل شيخ، سيف الله نيازي شريڪ ٿيا اجلاس ۾ ڊاڪٽر عارف علوي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آئي جي مقامي اڳواڻ سخاوت راڄپوت جي بي رحماني قتل جي مذمت ڪندي واقعي ۽ ڪيس تي هن وقت تائين جي پوليس اڳڀرائي تي تفصيل حاصل ڪيو صدر چيوت ه قاتلن جي گرفتاري لاءِ يقيني قدم کنيا وڃن ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پوليس پنهنجن فرضن تي ڌيان ڏي مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ اجلاس کي ٻڌايو ته پوليس ڪيس جي جاچ ۽ قاتلن جي گرفتاري ۾ قدمن کان پاسو ڪري رهي آهي پر مرحوم سخاوت راجپوت جي قتل کي سازش تحت لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *