ڪورونا فنڊن جي آڊٽ جو شرط آءِ ايم ايف پروگرام جو حصو آهي: ناڻي وزارت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت جي ترجمان چيو ته ڪورونا فنڊن جي آڊٽ جو شرط آءِ ايم ايف پروگرام جو حصو آهي، ڪورونا فنڊن جي آڊٽ رپورٽن تي آءِ ايم ايف مطمئن آهي. ناڻي واري وزارت جي ترجمان وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان کي ڪورونا فنڊن جي آڊٽ جو شرط 2022 ۾ پورو ڪرڻو هو، ڪورونا فنڊ بابت آڊٽ رپورٽ آءِ ايم ايف کي پيش ڪئي وئي.  ترجمان موجب آڊٽ رپورٽون پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون ويون، آڊٽ رپورٽ ۾ ٽيڪنيڪل خامين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، رپورٽ ڊپارٽمينٽل ڪميٽي ۾ به ڊسڪس ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڪورونا فنڊن جي آڊٽ رپورٽن تي آءِ ايم ايف مطمئن آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *