زمبابوين حڪومت ڪرڪيٽ ٽيم پاران پاڪستاني دوري تي بورڊ کان ناراض ٿي وئي

هراري (اسپورٽس نيوز) زمبابوين حڪومت ڪرڪيٽ ٽيم پاران پاڪستاني دوري تي بورڊ تي ناراض ٿي وئي آهي ۽ ٽيم جي واپسيءَ تي کانئنس وضاحت جو اشارو ڏنو آهي. خابرو اداري موجب اسپورٽس اينڊ ريڪريشن ڪميشن چيو آهي ته زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ سڪيورٽي کٽڪن کي نظر انداز ڪندي مرضيءَ خلاف فيصلو ڪيو. زمبابوي جي پرڏيهي وزير ڪراچيءَ ۾ بس حملي کان پوءِ ڪرڪيٽ ٽيم کي سڪيورٽي کٽڪن سبب پاڪستان جي سفر کان پرهيز جي صلاح ڏني هئي، جڏهن ته اسپورٽس اينڊ ريڪريشن ڪميشن به ان دوري تي اختلاف ڪيو هو، پر بورڊ پي سي بيءَ سان واعدو پاڙيندي حڪومتي ناراضگيءَ جي پرواهه نه ڪئي. اسپورٽس اينڊ ريڪريشن ڪميشن پڌرائيءَ ۾ چيو ته تمام ڳڻتي سان اها خبر ٻڌي آهي ته اسان طرفان سڪيورٽي سببن جي ڪري ٽوئر کي ڪليئر نه ڪرڻ باوجود ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان هلي وئي. غلطي نظر انداز نه ٿي ڪري سگھجي، پر دعا ۽ اميد آهي ته اسان جا سڪيورٽي کٽڪا سچ ثابت نه ٿين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *