اسٽار فٽبالر ليونل ميسيءَ جو سهڻو ميڻي پُتلو مادام تسائو ميوزم جي زينت بڻايو ويو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) بارسلونا ڪلب جي اسٽار فٽبالر ليونل ميسيءَ جو سهڻو ميڻي پُتلو مادام تسائو ميوزم جي زينت بڻايو ويو، ارجنٽائن سان تعلق رکندڙ ليونسل ميسي جيڪو پنهنجي ڪلب جي فتحن ۾ سدائين اهم ڪردار نڀايو آهي، سڄي دنيا ۾ لکن جي انگ ۾ سندس مداح هڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ سڪندا آهن. اهڙن ئي مداحن جي ڏکيائين ۾ گھٽتائي ڪندي مادام تسائو ميوزم فٽبالر جو ميڻي پتلو لڳائي ڇڏيو آهي، جئين چاهيندڙ من پسند رانديگر  کي راند جي ميدان سميت ميوزم ۾ به ڏسي سگھن. بار سلونا جي فٽبالر هلندڙ سيزن ۾ ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ يوروپا ليگ ۾ هيل تائين 10 گول ڪري چڪو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *