زلزلي سٽيلن جي اهنجن کان باخبر آهيان، وزير اعظم سان به ڳالهائيندس: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته زلزلي سٽيلن جي اهنجن کان باخبر آهيان،ان تي پارليامينٽ تي به دٻاءُ وڌو آهي ۽ وزيراعظم سان ڳالهائيندس، صوبائي حڪومت کي به درخواست آهي ته اها ٻيون مصروفيتون ختم ڪري متاثرن جي آخري متاثر جي بحالي لاءِ قدم کڻي، سنڌ حڪومت پاران به متاثرن جي به جوڳي مدد ڪنداسين، متاثر هن مشڪل ۾ پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن، پ پ انهن سان گڏ آهي، پ پ جا جيالا خدمت ڪندا رهندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ ڏينهن جي بونير دوري تي پارٽي صدر جوهر علي خان جي رهائشگاهه ڊگر ۾ زلزلي سٽيلن ۽ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو ، ان سان گڏ فيصل ڪريم ڪنڊي، قمر زمان ڪائرا، زائر علي شاهه، صوبائي صدر خانزادا خان، محمد ڪريم ڊار ۽ صوبائي جنرل سيڪريٽري همايون خان به موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *