نندي پور پاور پراجيڪٽ، سڀئي انگ اکر غلط ڏيکاريا ويا هئا، جاچ رپورٽ پوري ڪري ڇڏي آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو) وفاقي پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته نندي پور پاور پراجيڪٽ بابت جاچ رپورٽ تيار ٿي وئي آهي، رٿا جي ڪل لاڳت 58 ارب رپيا ۽ بجلي جي اپت 430 ميگاواٽ آهي. اسان جي وقت ۾ جيڪوخرچ آيو،ان کي به رپورٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ذريعن مطابق خواجا آصف جو چوڻ هو ته نندي پور پاور پراجيڪٽ بابت مختلف چوٻول هلي رهيا هئا ۽ چيو ويو ته  ان پراجيڪٽ جي بجيٽ 2 ارب رپين کان وڌي 84 ارب تائين پهچي وئي آهي. اهو به چيو ويو آهي ته نندي پور مان 400 ميگاواٽ بجلي پيدا نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته ان پراجيڪٽ جي لاڳت، اپت ۽ بند رهڻ بابت سڀئي انگ اکر غلط آهن، ڇو ته ان تي 51 ارب رپيا خرچ ٿيا آهن ۽ 84 ارب رپيا لاڳت جو انڪار ته نيپرا به ڪري چڪي آهي.سندس چوڻ هو ته نندي پور پاور پراجيڪٽ اپريل 2011ع ۾ پورو ٿيڻو هو پر ڏنل وقت تي پورو نه ٿيڻ جي ڪري خرچن ۾ واڌ ٿي ۽ رٿا ۾ دير به گذريل حڪومت ۾ ٿي هئي. سندس چوڻ هو ته جڏهن مسلم ليگ ن جي حڪومت آئي ته  ان وقت تائين 65 سيڪڙو ڪم پورو ٿي چڪو هو. گهڻي مشينري ڪراچي پورٽ ۽ چائنا ۾ پئي هئي، جن جي خرچ  ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي هئي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ان جي لاڳت ۾ به واڌ ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *