زرداري مافيا جي ڪرپشن ۽ نااهلي عوام جي سامهون آڻڻ لاءِ نڪتا آهيون: شاهه محمود قريشي

جيڪب آباد (م.ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ تحت سڄا وسيلا سنڌ حڪومت کي ڏنا ويا آهن، اسان سنڌ ۾ هنن جو حساب ڪتاب وٺڻ آيا آهيون، عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو ته سڄي سنڌ کي سهولتون ڏيڻ سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي پر افسوس پيپلزپارٽي سنڌ کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت کي جيڪو عوام کي ڏيڻو هو پر هنن عوام کي ڏيڻ بجاءِ پنهنجي ذاتي ملڪيتون ٺاهي ڇڏيون آهن، هن چيو آهي ته اسان هاڻي سڄي سنڌ جو پيپلزپارٽي کان 13 سالن جو حساب وٺنداسين ، سنڌ ۾ جيڪي پيپلزپارٽي سان وابسته ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي پائڻ لاءِ پيرن ۾ جتي نه هئي هو اڄ لينڊ ڪروزر سميت اربين جا مالڪ آهن، عوام کي ٻڌائن ته هو پئسا ڪٿان آڻين ٿا، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چوندو آهي ته عوام کي روزگار ڏنو ويندو 13 سالن جي اقتدار دوران سنڌ جي ماڻهن کي ڇا ڏنو آهي، زرداري مافيا اسان جي ننڍڙي حقوق مارچ کان ڊڄي ڪري وائڙپ جو شڪار ٿي وئي آهي، هن چيو ته اسان کي ڪي پي ڪي ۾ اچڻ وقت ننڍڙو سمجهيو ويو پراسين پنجاب، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ عوام جون دليون کٽي حڪومت قائم ڪئي سين هاڻي اسين سنڌ ۾ به نڪتا آهيون، پرڏيهي وزير چيو ته اسان عوام کي زرداري مافيا جي ڪرپشن ۽ نااهلي عوام جي سامهون آڻڻ لاءِ نڪتا آهيون، لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي کي اسان جي طاقت جي خبر پئجي ويندي، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ حقوق مارچ جلسو نه پر لانگ مارچ آهي جنهن جي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڀرپور موٽ ملي رهي آهي، جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھ ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي ريلي ۾ ڪيترا ماڻهو هئا، اسان جي مقبوليت ڏسي هو وائڙا ٿي ڪري اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، هن چيو ته 2023 جي اليڪشن ۾ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ ۽ ان جا اتحادي حڪومت ٺاهيندا، زرداري ليگ جي سنڌ ۾ آخري اقتدار آهي، وفاق گذريل ٽن سالن کان سنڌ کي تمام گهڻي بجلي فراهم ڪئي، هن چيو ته وفاق ٻين صوبن جي عوام کي صحت ڪارڊ جون سهولتون فراهم ڪيون،  سنڌ حڪومت پنهنجي عوام کي ان سهولت کان محروم رکيو پر وفاقي حڪومت پنهنجي کيسي مان ٿرپارڪر ۾ صحت ڪارڊ جي سهولت مهيا ڪئي آهي، اسد عمر چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ جيب ڪتري کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو وڃي ٿو پر وڏي واڳن کي بنگلن ۾ رهائي کين ضمانتون ڏنيون پيون وڃن، اسان نيب سميت ٻين ادارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته سڀني سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي، هن چيو ته زرداري ليگ ڀٽي جي قبر کي وڪرو ڪري نه صرف پاڪستان ۾، دنيا ۾ ملڪيتون ٺاهيون ۽ لاڙڪاڻي جي حالت اڳ کان بدتر آهي. هن چيو ته شهباز شريف جون عدالت ۾ حاضرين تي حاضريون لڳايون وڃن ٿيون سڄو ملڪ ڏسي ٿو منظور پٽيوالي جي اڪائونٽ مان ساڍا ٽي ارب نڪرن ٿا جنهن جي پگهار 25 هزار به نه هئي، هن چيو ته عوام ۾ ڪاوڙ آهي، سياسي لٽيرن کي سزائن بدران رليف ڇو ملي رهي آهي، ميڊيا آزاد آهي، 24 ڪلاڪن مان 18 ڪلاڪ ٽي وي جي ٽاڪ شوز ۾ عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي حڪومت تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي، هن چيو ته عدليا پيڪا آرڊيننس رد مڪمل رد ناهي ڪيو، ان ۾ ٿوريون ردوبدل جو مشورو ڏنو جيڪو تمام بهترين هو ان تي عمل ڪيو ويندو، سوشل ميڊيا سبب گھرن ۾ ماءُ ۽ ڌيئرن جي عزتون محفوظ ناهن رهيون ان جي لاءِ ڪو اهڙو نظام هجڻ گهرجي جنهن کي ڪنهن حد تائين ضابطو آڻي سگهجي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جا وزير ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ تي پنهنجي جاءِ تي ڳالهائڻ به مناسب ناهن سمجهندا

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *