زرداري ليگ رينجرز جي اختيارن ۽ آپريشن ۾ رڪاوٽ وڌي ته دمادم مست قلندر ٿيندو:ذوالفقار مرزا

بدين (ڊ.ر) زرداري ليگ جيڪڏهن رينجرز جا اختيار وڌائڻ ۽ آپريشن ۾ رڪاوٽ وڌي ته دمادم مست قلندر ٿيندو،اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي گھَرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا بدين جي ميمڻ جماعت جي صدر گلزار ميمڻ پاران ڪرايل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو،هن چيو ته جيڪڏهن رينجرز کي اختيار نه ڏنا ويا ته 19 ڊسمبر کان ڪراچي،نواب شاھ،سکر،لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن۾ ڌرڻا هنيا ويندا،هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن زرداري ليگ رينجرز جي اختيارن ۾ رڪاوٽ وجھي ته وفاقي حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي، اسان ۽ سنڌ جو عوام مڪمل حمايت ڪندو،هن چيو ته بدين جي عوام جھڙي طرح رزداري ٽولي کي عبرتناڪ شڪست ڏني آهي، اهڙي طرح 17 ڊسمبر تي بدين جو عوام هميشه لاءِ زرداري ٽولي کي بدين مان تڙي ڪڍندو،هاڻ سنڌ جو عوام چورن ۽ ڦورن کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو،زرداري سنڌ جي عوام جي حقن تي ته ڌاڙو هنيو پر شهيد ڀٽو ۽ شهيدبينظير ڀٽوجي جان نثار ڪارڪنن کي اَٽو،لٽو۽ اجھو ته نه ڏنو پر انهن  جي نوڪرين جا به پيسا ورتا، انهن جي پلاٽن تي قبضا ڪيا ويا. لينڊ مافيا سان ملي ڪري اربين رپيا هڙپ ڪيا،غريب هارين کان انهن جو روزگار کسي انهن جي زمينن تي انور مجيد قبضا ڪيا،هاڻ وقت اچي ويوآهي ته چور ۽ ڦورو حڪمرانن مان جان آجي ڪرائڻي پوندي ۽ انهن کي عبرتناڪ نشانو بڻائينداسين،هاڻ انهن جو لنڊن ۽ ۽ دبئي تائين پيڇو ڪندس،ان موقعي تي گلزارميمڻ،تنويرآرائين،عيسى ملاح ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *