نومبر تائين سنڌ ۾ 106، پنجاب ۾ 64 جوابدارڦاهي چڙهيا: رپورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ ۾ گذريل 5 سالن دوران ٻين ٽن صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردن کي ڦاهيون جون سزائون ڏنيون ويون، صوبي ۾ هاڻ به ڪيترائي جوابدار موت جي سزا جي انتظار ۾ ويٺا آهن، گهرو وزارت پاران جاري ڪيل انگ اکرن ۾ سنڌ ۾ گذريل مهيني تائين 106، پنجاب ۾ 64 جوابدارن کي ڦاهي ڏني وئي، بلوچستان، ڪي پي ۽ اسلام آباد ۾ هڪ هڪ دهشتگرد کي ڦاهي ڏني وئي، پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير فاٽا، گلگت بلتستان ۾ ان عرصي دوران ڪنهن دهشتگرد کي ڦاهي نه ڏني وئي، اهڙي طرح سنڌ ۾ موت جي سزا جي قيدين جو انگ ٻين صوبن ۽ علائقن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، سنڌ ۾ هن وقت 98، پنجاب ۾ 81، ڪي پي ڪي ۾ 25، بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ هڪ هڪ قيدي ڦاهي جي سزا تي عملدرآمد جي انتظار ۾ آهي، فاٽا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو به اهڙي قيدي نه آهي جنهن کي ڦاهي جي سزا ڏني وئي هجي، واضح رهي ته پ پ جي دور ۾ اڻ ڄاتل مدي تائين سزا تي عمل روڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *