رمضان المبارڪ ۾ مسجدن ۽ ٻين مذهبي عبادتگاهن ۽ علائقن ۾ صفائي سٿرائي جي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي سمورن ضلعن جي ايڊمنسٽريٽرن ۽ واٽر بورڊ جي چيف انجنيئرن کي سختي سان هدايت ڏني آهي ته رمضان المبارڪ جي ايندڙ طاق راتين ۾ مسجدن ۽ ٻين مذهبي عبادتگاهن ۽ علائقن ۾ صفائي سٿرائي جي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. مسجدن ، امام بارگاهن ۽ عوام کي مفت ٽينڪرز جي ذريعي پاڻي جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي۽ شهر ۾ سمورين حددخلين جي خاتمي واري مهم  کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اهي هدايتون صوبائي وزير سومر ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ڪراچي جي سمورن ضلعن جي ايڊمنسٽريٽرن ۽ واٽر بورڊ جي چيف انجنيئرن سان اجلاس ۾ ڏنيون. ان موقعي تي سيڪريٽري بلديات عمران عطا سومرو، ايم ڊي واٽر بورڊ سيد هاشم رضا زيڊي، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي سميع صديقي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير سمورن ضلعن جي ايڊمنسٽريٽرن کان الڳ الڳ انهن جي علائقن ۾ صفائي سٿرائي ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي بريفنگ ورتي.  ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته 23 فيبروري کان پوري صوبي ۾ جاري صاف، سر سبز ، پرامن سنڌ مهم جي شروعات وقت ئي هن اعلان ڪيو هو ته هي مهم هڪ هفتو، هڪ مهينو نه پر هي مهم پورو سال جاري رهندي. هن مهم ۾ جتي صفائي سٿرائي جي ڪمن تي ڌيان رکڻ سان گڏو گڏ ادارن ۾ به صفائي ۽ حددخلين جي خاتمي لاءِ پڻ اپاءُ ورتا وڃن. هن چيو ته شهر ۾ جاري حددخلين جي خاتمي واري مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته رمضان المبارڪ جي مهيني جي ايندڙ طاق راتين ۾ خاص طور مسجدن ۽ امام بارگاهن جي آسپاس صفائي سٿرائي جي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ نمازين ۽ روزي دارن کي پاڻي جي فراهمي لاءِ واٽر بورڊ انتظاميا مڪمل اپاءَ وٺي.ان موقعي تي هن ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۽ ڊسٽرڪٽ ايسٽ جي انتظاميا کي ايڪويهه رمضان المبارڪ يوم  حضرت علي رضه تي نڪرندڙ جلوسن جي رستن تي صفائي سٿرائي جا انتظام مڪمل ڪرڻ ۽  جلوس ۾ شريڪ ماڻهن جي لاءِ پاڻي سميت ٻين ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي صوبائي وزير مختلف اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾  ڪراچي ۾ صفائي سٿرائي جي ناقص انتظامن بابت ايندڙ خبرن  تي سمورن ضلعن جي ايڊ منسٽريٽرن تي زور ڏنو ته هو اهڙي قسم جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪن ۽ پنهنجي صفائي مهم، حد دخلين جي خاتمي واري مهم سميت ٻين ڪمن ۾ ميڊيا جي  نمائندن کي ان جي ڪوريج جي خصوصي دعوت ڏين ته جيئن حڪومت پاران ورتل ڪوششن متعلق عوام کي آگاهي فراهم ڪري سگهجي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *