ايم ڪيو ايم خلاف رياستي آپريشن ڪيو پيو وڃي، بزرگ، مائون ۽ ڀينرون ميدان ۾ اچي تحريڪ سنڀالين: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته متحده ڪنهن به ملڪ کان پئسا يا مدد نٿي وٺي ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ رياستي ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي. لال قعله گرائونڊ عزيز آباد ۾ عورتن ۽ بزرگ ڪارڪنن جي اجلاس کي فون تي خطاب ڪندي الطاف حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ جنهن به عوام جي حقن لاءِ آُواز اُٿاري اُن تي غداري جو الزام هنيو ويو. باچا خان کي غدار چيو ويو. بلوچ اڳواڻن تي غداري جا الزام هنيا ويا. بينظير ڀٽو کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو ويو. سنڌ جي ٻين اڳواڻن کي غدار قرار ڏنو ويو ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم کي غدار قرار ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته اسانجي بزرگن پاڪستان بڻايو پر چار پنج نسلن جي گذرڻ کانپوءِ به اسان سان غيرن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اسان تي ڀارت سان لاڳاپن ۽ اُن کان پئسا وٺڻ جو بهتان هنيو پيو وڃي. اسان پاڪستان ٺاهڻ وارن مان آهيون ۽ اسين پاڪستان کي سلامت ڏسڻ چاهيون ٿا. اسان تي هر طرح الزام مڙهيا پيا وڃن ۽ ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ اسان تي رياستي ظلم ڪيو پيو وڃي. ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي تي گهڻي عرصي کان جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، بزرگ، مائون ۽ ڀينرون ميدان ۾ اچن ۽ تحريڪ کي سنڀالين. هن چيو ته رينجرز پاران لڳايل الزام سرار غلط ۽ بي بنياد آهي ته ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ڪميٽي يونٽ ۽ سيڪٽر کي عسڪري تربيت ڏي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *