ذوالفقار مرزا بدين ٿاڻي حملي ڪيس جو جاچ آفيسر بدلائڻ جي استدعا ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي بدين ۾ ٿاڻي تي حملي واري ڪيس جي جاچ آفيسر شاهجهان بلوچ مٿان بي اعتمادي جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر بدلائڻ جي استدعا ڪئي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جاچ آفيسر ايس پي شاهه جهان بلوچ ڌر بڻجي ويو آهي ۽ شفاف جاچ نه ٿو ڪري سگهي. درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ڪيس جي جاچ لاءِ ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي بيان لاءِ جمشيد ڪوارٽر گهرائڻ وارو قدم بدنيتي تي ٻڌل هو، ڄاڻايل علائقي ۾ کيس ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻائڻ جو خدشو موجود هو. درخواست  استدعا ڪئي وئي آهي ته ڪيس جي جاچ آفيسر کي عدالت يا ذوالفقار مرزا گهر ۾ بيان وٺڻ جي هدايت ڪئي وڃي. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 13 اپريل تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *