ايم ڪيو ايم گورنر سنڌ کي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحدا قومي موومينٽ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.  ڪراچي نائن زيرو تي  ڊاڪٽر فاروق ستار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي  دور ۾  متحدا جي ڪارڪنن کي سري عام قتل ڪيو ويو ۽ گهر ساڙيا ويا اها سڄي حقيقت اسان گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد جي سامهون رکي. فاروق ستار چيو ته اسان گورنر جو علامتي عهدو سنڌ جي امن امان  لاءِ قبول ڪيو هو. عشرت العباد ڪارڪنن جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو. هن چيو ته امن امان لاءِ ٽارگيٽڊ آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو اسان جي ته دعا آهي ته انهي آپريشن سان ٽارگيٽ ڪلنگ ختم ٿي ۽ ڪراچي ۾ امن امان قائم ٿي. ڪراچي آپريشن مان اهو محسوس ٿو ٿئي ته اهو آپريشن صرف ايم ڪيو ايم لاءِ ڪيو پيو وڃي، ڪيترائي ڪارڪن بي گناهه گرفتار ڪيا ويا آهن ڪيترائي بيگناهه ماريا ويا آهن اهو سڀ ڪجهه اسان گورنر جي سامهون رکيو پر گورنر ڪجهه به نه ڪيو، ڪيترائي دفعا اسان جي مطالبي باوجود اڄ تائين   مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ناهي ٿي جنهن هدايت وزير اعظم نواز شريف پاڻ ڏني هئي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته توجه ڏيارڻ جي باوجود به ڊاڪٽر عشرت العباد اسان تي ٿيندڙ ظلم نه روڪرايو نه ئي ڪو نوٽيس ورتو،  اسان جي بي گناهه ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڏوهن ۾ ملوث ڄاڻايو پيو وڃي. جڏهن ته اسان جا  1200 ڪارڪنن جا قاتل اڄ تائين آزاد گهمي رهيا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *