دپيڪا پڊوڪون جون 3 نيون فلمون هلندڙ سال سينيما گهرن جون زينت بڻبيون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار دپيڪا پڊوڪون جون 3 وڏيون نيون فلمون ”تماشا“، ”پيڪو“ ۽ ”باجي رائو مستاني“ هلندڙ سال سينيما گهرن جون زينت بڻجنديون. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره فلم پيڪو جي عڪسبندي مڪمل ڪرائي ورتي آهي جڏهن ته تماشا ۽ باجي رائو مستاني جي عڪسبندي اڃا رهيل آهي. جنهن سان کيس مصروفيت وڌائڻي پوندي. دپيڪا فلم ”تماشا“ جي ايندڙ شيڊول جي عڪسبندي جلد ئي دهلي ۾ شروع ڪرڻ واري آهي جنهن ۾ هو اٽڪل هڪ مهيني تائين مصروف هوندي ۽ ”باجي رائو مستاني“ جي شوٽنگ لاءِ پڻ خاص طور تي تياري ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *