اُتر وزيرستان ۾جيٽ جهازن جي بمباري، 35 دهشتگرد مارجي ويا

ميران شاهه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اُتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي جيٽ جهازن جي بمباري ۾ پرڏيهين سميت 35 دهشتگرد مارجي ويا. آئي ايس پي آر موجب هوائي ڪارروائي ۾ اُتر وزيرستان جي تحصيل دته خيل ۾ ڪئي وئي ۽ جيٽ جهازن جي بمباري ۾ 35 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگردن ۾ ڪيترائي پرڏيهي دهشتگرد به شامل آهن جڏهن ته فضائي ڪاررائي ۾ ملوث دهشتگردن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا. واضح رهي ته اُتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ”ضربعضب“ ڪاميابي سان جاري آهي ۽ جيٽ جهازن جي بمباري ۽ شيلنگ ۾ هن وقت تائين ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته سندن ٺڪاڻا پڻ تباهه ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *