دهشتگردن جو سمورو اسٽرڪچر ختم ڪري ڇڏينداسين، ڪاميابين تي سوديبازي نه ٿيندي: آرمي چيف

راولپنڊي(م.ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف چيو آهي ته فاٽا ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن کي پڄاڻي تائين رسائڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ اسان کي اڳتي وڌڻ ۽ ڊگهي مدي وارن فائدن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. جنرل هيڊڪوارٽر ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف سڄي ملڪ ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن سڄي ملڪ مان دهشتگردي جي سموري ڍانچي کي ختم ڪري سگهجي. آرمي چيف فاٽا ۾ رياست جي عملداريءَ لاءِ اثرائتي سرحدي  انتظام ۽ دهشتگردن کان پاڪ ڪيل علائقن ۾ ڪنٽرول مضبوط ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته آپريشن سبب عارضي طور تي بي گهر ٿيل ماڻهن کي مقرر ڪيل وقت اندر پنهنجن علائقن ۾ آباد ڪرڻ وارو عمل مڪمل ڪيو وڃي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان مطابق آرمي چيف جي صدارت هيٺ ٿيل ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني توڙي ٻاهرين سلامتي جي صورتحال ۽ پيشيور معاملن بابت غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪمانڊرز ملڪ اندر سلامتي جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف شوال ۽ اتر وزيرستان ايجنسي سان لاڳاپيل علائقن ۾ جاري آپريشن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. آرمي چيف آپريشن ضرب عضب ۾ قربانيون ڏيندڙ جوانن ۽ آفيسرن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته انهن ڪاميابين تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *