ڪچي آبادي فورن ڪيرائي ويئي، رهواسين کي ته مهلت نه ڏني ويئي؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وفاقي پوليس ۽ موٽر وي پوليس جي آءِ جيز کي آفيسون منتقل ڪرڻ لاءِ ٻن کان ٽن مهينن جو وقت ڏيڻ جي اپيل رد ڪندي چيو آهي ته اي-11 ڪچي آبادي، فورن ڪيرائي ويئي اتان جي رهواسين کي ته مهلت نه ڏني ويئي اسلام آباد ۽ موٽر وي پوليس جا سربراهه قانون کان مٿان آهن ته پنهنجي آفيسن ۾ قومي جهنڊي بدران داعش جو جهنڊو هڻن. سومر تي سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ اسلام آباد جي رهائشي علائقي ۾ ڪمرسل ۽ سرڪاري سرگرمين جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري مواصلات ۽ چيئرمين سي ڊي اي عدالت ۾ پيش ٿيا ٻڌڻي دوران عدالتي پڇاڻي تي گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته آءِ جي اسلام آباد پوليس جي آفيس ايف 7 ۽ آءِ جي موٽر وي جي آفيس ايف 8 ۾ آهي ٻنهي آءِ جيز جون آفيسون رهائشي علائقن مان منتقل ڪرڻ لاءِ ٻن کان ٽن مهينن جو وقت گهرجي خانگي ٽي وي موجب جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته ٻن کان ٽن مهينن جو وقت نٿا ڏيئي سگهون سيڪيورٽي ادارا حڪومت کي ڇو شرمسار ڪرائڻ گهرن ٿا ڇا ٻنهي آءِ جيز تي قانون لاڳو نٿو ٿئي ٻئي آفيسر قانون کان مٿان آهن ته آفيسن ۾ قومي جهنڊي بدران داعش جو جهنڊو لڳائين جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته آءِ-11 جي ڪچي آبادي ته ڪيرائڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ويئي ڇا ڪچي آبادي جي رهواسين کي مهلت يا متبادل رهائش جو بندوست ڪرڻ جو وقت ڏنو ويو ايڊيسنل آٽارني جنرل اپيل ڪئي ته هڪ ڪلاڪ جو وقت ڏيئي ڇڏيو گهرو سيڪريٽري ۽ چيئرمين سي ڊي اي سان گڏجي معاملي جو ڪوئي حل ڪڍون ٿا عدالت اپيل منظور ڪري ورتي ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته جسٽس شيخ عظمت ريمارڪس ۾ چيو ته چيئرمين سي ڊي اي ڪم نٿا ڪري سگهن ته گهر هليا وڃن جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ۾ چيو ته ڇا سيڪٽر ايف سيون يا ايف ايٽ پاڪستان ۾ نٿا اچن عدالت گهرو سيڪريٽري، مواصلات، ڪيڊ ۽ چيئرمين سي ڊي اي کي حڪم ڏنو ته گڏجي ويهو ۽ ٻڌايو ته آفيسون ڪڏهن منتقل ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *