دائود ابراهيم بابت ڀارتي ڌمڪين کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، هندستان ڪنهن به خوشفهمي ۾ نه رهي: پاڪستان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي پرڏيهي ۽ قومي سلامتي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته بچي نه سگهندو، ڪشمير معاملي کانسواءِ هندستان سان ڳالهين جو ڪو به فائدو نه آهي، افغانستان سان گڏيل اعتماد کي بحال ڪرڻ لاءِ معاهدي ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته دائود ابراهيم جي پاڪستان ۾ موجودگي بابت ڀارت جا الزام بي بنياد آهن. هن چيو ته دائود ابراهيم بابت ڀارت جي ڌمڪين کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي،  هندستان ڪنهن به خوشفهمي ۾ نه رهي، جيڪڏهن ڪا به اڳرائي ڪئي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار چيو ته مودي سرڪار جو قيام پاڪستان مخالف نعري ذريعي ئي عمل ۾ آيو آهي ۽ ڀارتي وزيراعظم جي پهرين ڏينهن کان ئي پاليسي پاڪستان مخالف آهي. سرتاج عزيز چيو ته ڀارت رڳو پنهنجي شرطن تحت ڳالهيون ڪرڻ چاهي پيو پر مودي سرڪار تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪشمير سميت سمورن معاملن تڪراري معاملن تي ڳالهين کانسواءِ ملاقات جو ڪو به فائدو ناهي. هڪ وڌيڪ چيو ته سڀاڻي ڊي جي رينجرز پنجاب جي ڀارتي سڪيورٽي فورسز سان ملاقات رٿيل آهي، جيڪا انتهائي اهميت رکي ٿي، جنهن جو مقصد ورڪنگ بائونڊري ۽ ايل او سي تي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ آهي. افغانستان بابت سوال جي جواب ۾ سرتاج عزيز ٻڌايو ته ڪابل دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ اعتماد کي بحال ڪرڻ هو، جنهن لاءِ معاهدو ڪيو ويندو. سرتاج عزيز چيو ته افغان قيادت کي ڪابل ۾ پاڪستان سفارتخاني جي سڪيورٽي ۽ اسلام آباد مخالف بيانن کان آگاهه ڪيو آهي، جنهن بعد سفارتخاني جي سڪيورٽي وڌائي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *