وزيراعظم پاران قومي ناڻو لٽيندڙ جو بنا فرق احتساب ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف، سنڌ جي دورن ۽ 11 نومبر تي ڏياري جو ڏڻ سنڌ جي اقليتي برادري سان ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آصف علي زرداريءَ جي گذريل ڏينهن واري بيان تي ڏک پهتو آهي، ڪير ڪاوڙ ڪري يا بيان ڏئي، سنڌ ۾ دهشتگردي ۽ ڪرپشن خلاف جاري ڪاررواين تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، سنڌ ۾ ن ليگ کي فعال بڻائڻ لاءِ مڪاني چونڊن ۾ مقامي سطح جي ڪارڪنن کي ٽڪيٽون ڏنيون وڃن. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ نون سنڌ جي قيادت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مملڪتي وزير عبدالحڪيم بلوچ، ماروي ميمڻ، اسماعيل راهو،  شيرازي ڀائرن، مرتضيٰ جتوئي، نهال هاشمي، کيئل داس ڪوهستاني ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جا سينيئر اڳواڻ راجا ظفر الحق، خواجه سعد رفيق، پرويز رشيد ۽ ڊاڪٽر آصف ڪرماني سميت ٻيا اڳواڻ به موجود  هئا. اجلاس ۾ 31 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي تيارين ۽ اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏيڻ وارن معاملن تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف اعلان ڪيو ته هو مڪاني چونڊن کان اڳ سنڌ جي مختلف ضلعن جو دورو ڪندو، جڏهن ته هو 11 نومبر تي ڏياري جو ڏڻ پڻ سنڌ جي اقليتي برادري سان ملهائيندو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته سنڌ ۾ هن وقت ن ليگ غير فعال نظر اچي رهي آهي، ان ڪري پارٽي کي فعال بڻائي سنڌ ۾ ن ليگ جو جيڪو خال نظر اچي رهيو آهي، اهو ختم ڪيو وڃي. هـُن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جي مڪاني چونڊن ۾ ن ليگ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي، سنڌ اندر مڪاني چونڊن ۾ مقامي سطح جي ڪارڪنن کي ٽڪيٽون ڏنيون وڃن. ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ دهشتگردي خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڪير ڪاوڙي يا بيان جاري ڪري پر ڪرپشن ۽ دهشتگردي خلاف ڪاررواين تي سوديبازي نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته هـُو سنڌ جي ترقي چاهين ٿا، پاڪستان جي قيام کان هن وقت تائين ملڪ جي ترقي ۾ سنڌ جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪراچي آپريشن کانپوءِ شهر ۾ امن قائم ٿيو آهي، اتان جا شهري مطئمن آهن، امن جي بحالي تائين ڪراچي آپريشن جاري رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *